اهم سياسي شخصيتون جي ڊي اي ۾ شامل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پير پاڳاري جي قيادت ۾ اهم اجلاس ۾ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم ۽ اڳوڻي ايم اين اي راحيله مگسي جي ڊي اي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو.
گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو اهم اجلاس ڪراچي ۾ پير پاڳاري جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ارباب غلام رحيم ۽ راحيله مگسي باضابطا طور جي ڊي اي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.
پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ ٻه ڪميٽيون جوڙيون ويون، هڪ ڪميٽي مختلف سياسي شخصيتن سان ملاقات ۾ جي ڊي اي ۾ شموليت جي دعوت ڏيندي، جڏهن ته ٻي ڪميٽي هم خيال جماعتن سان مشاورت ۽ اڳتي جي حڪمت عملي تيار ڪندي.
پڌرائيءَ موجب پير پاڳاري چيو ته سنڌ جي عوام کي ڪرپٽ مافيا جي چنبي مان ڪڍڻ لاءِ جي ڊي اي ڪردار ادا ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.