ن ليگ جو وڏو سرپرائز، پ پ قيادت جون ننڊيون ڦٽي ويون

بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) بدين ۾ پ پ کي ن ليگ طرفان وڏو سرپرائز ملي ويو، پ پ جي مضبوط اڳواڻ ڪمال خان چانگ سان ن ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي کيئل داس ڪوهستاني ملاقات ڪئي آهي.
ن ليگ جي بشير ميمڻ سياسي مخالفن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون، هن بدين جي معتبر سياسي شخصيت چيف سردار ڪمال خان چانگ سان چانگ هائوس ڪراچي پهچي ملاقات ڪري کيس ن ليگ ۾ شموليت جي دعوت ڏئي ڇڏي.
ان موقعي تي سردار ڪمال خان چانگ چيو ته دوستن ۽ همدردن سان مشاورت کانپوءِ حتمي فيصلو ڪندس، ٻن ڏينهن کانپوءِ پريس ڪانفرنس ذريعي پ پ ڇڏڻ يا نه ڇڏڻ بابت پڌرو ڪندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.