نقيب الله قتل ڪيس ۾ رائو انوار جي بريت خلاف اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ نقيب الله قتل ڪيس ۾ اڳوڻي پوليس آفيسر رائو انوار جي بريت خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار ۽ ٻين جي بريت خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ٿي.
اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت رائو انوار سميت ٻين جوابدارن کي آجو ڪري شاهدين کي نظرانداز ڪيو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ اپيل منظور ڪندي دهشتگردي ٽوڙ عدالت کان ڪيس جو مڪمل رڪارڊ به طلب ڪري ورتو، عدالت پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ کان به جواب طلب ڪري ورتو.
واضح رهي ته ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نقيب الله قتل ڪيس جو فيصلو 23 جنوري 2023 ۾ ٻڌايو هو ۽ شاهديون نه هجڻ جي بنياد تي رائو انوار سميت 18 جوابدارن جي آجو ڪري ڇڏيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.