ٽوپيءَ جي مٿان هي ”بال“ ڇو هوندو آهي؟

سياري جي موسم ۾ ماڻهو ٿڌ کان بچڻ لاءِ اضافي ڪپڙن جو استعمال ڪندا آهن.
جيڪٽ،سويٽر،دستانا ۽ ٻين شين سان گڏوگڏ مٿي تي گرم ٽوپين جو استعمال به گھڻو ٿيندو آهي.
ٻار ۽ وڏا سڀ اهڙي ٽوپي پائڻ پسند ڪندا آهن جنهن جي مٿان گول بار ٺهيل هجي.
بال واري ٽوپي کي انگريزي ۾ پوم پوم ڪيپ چيو ويندو آهي.
پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته ان ٽوپي تي بڻيل بال جي استعمال جو اصل سبب ڇا آهي؟
هاڻي ان کي ٽوپي کي خوبصورت بڻائڻ جو سبب سمجهيو ويندو آهي پر ان جو اصل مقصد ٻيو آهي يا ائين چئجي ته پهريان ڪجهه ٻيو هو.
ان بال يا گُل جي تاريخ به صديون پراڻي آهي ۽ اسڪينڊي نويا جي وائڪنگ دور کان ان جي شروعات ٿي.
ان دور ۾ اهڙين ٽوپين جو استعمال تمام گھڻو ٿيندو هو ته جيئن مٿي ۽ ڪنن کي ان خطي جي سخت ٿڌ کان بچائي سگھجي.
اٺين صدي جي هڪ مجسمي ۾ اهڙي طرحءِ جي ٽوپي کي ڏٺو ويو آهي.
پر اهو بال ايترو وڏو نه هوندو هو ۽ 18 هين صدي ۾ فرانس ۾ ان جي ڪاٿي ۾ تبديلي ڪئي وئي.
فرانس جي بادشاهه نيپولين جي فوج جي هڪ ڊويزن جي فوجي وردي ۾ اهڙي بال وارين ٽوپين جو استعمال ڪيو ويندو هو.
انهن ٽوپين جي بال جي مختلف رنگن سان فوجي عهديدارن جي عهدي جي خبر پوندي هئي.
انهيءَ دور ۾ فرانسيسي مُهاڻا به انهن ٽوپين جو استعمال ڪندا هئا ته جيئن سندن مٿن کي سامونڊي جهازن جي ڪيپن کان تحفظ ملي سگھي ڇو جو انهن جي ڇت گھڻي هيٺ هوندي آهي.
مُهاڻن مٿن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ بالي جي سائيز کي وڌائي ڇڏيو هو.
تڏهن کان انهن ٽوپين کي انهيءَ شڪل ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي.
پر انهن ٽوپين کي اصل مقبوليت 1930 جي ڏهاڪي جي معاشي بحران دوران ملي ۽ انهن جو استعمال ان ڪري عام ٿي ويو ڇپو جو اهي گھڻيون سستون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.