ڪابينا نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وفاقي ڪابينا سائبر ڪرائم جي وڌندڙ واقعن جي روڪٿام لاءِ نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ڪابينا اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ۾ آءِ ٽي بابت نگران وزير ڊاڪٽر عمر سيف چيو ته ايجنسي قائم ڪرڻ سان شهرين لاءِ سائبر اسپيس کي محفوظ بڻائي سگهبو، ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ هاڻ نئين ايجنسي کي ذميواري ڏيندو.
هن چيو ته ملڪ ۾ سائبر ڪرائم جا واقعا وڌي رهيا آهن، ٽيلي ڪام ٽربيونل ٺاهيو ويندو، جنهن ۾ خاص علم رکندڙ شامل هوندا، ٽيلي ڪام سيڪٽر جا ڪيس هاڻ ڊگهي عرصي تائين دير جو شڪار نه رهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.