2023ع ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ڪنهن جون ڏٺيون ويون؟

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) ننڍين وڊيوز واري سوشل ميڊيا ايپ ٽڪ ٽاڪ هن دور ۾ گھڻن ماڻهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو آهي، خاص طور تي نوجوان طبقو ان ايپ کي گھڻو پسند ڪندو آهي.
ٽڪ ٽاڪ تي هڪ نوجوان عورت ”ڊولي“ جي وڊيو 2023ع دوران 504 ملين ويوز حاصل ڪيا آهن. اها وڊيو ٽڪ ٽاڪ تي سڀ کان وڌيڪ ڏٺي ويندڙ وڊيوز مان هڪ سمجهي ويندي آهي.
ٽڪ ٽاڪ جي آپريشنل مئنيجر آدم بريسر چيو آهي ته ان وڊيو کي ساراهڻ ئي عورت کي ساراهڻ جو بهترين طريقو آهي.
وائرل ٿيل وڊيو ڪاري نسل جي سوڊان ڄاول آمريڪي عورت جي آهي جنهن جو اڪائونٽ ڊولي ويزن جي نالي سان آهي. ان عورت جي عمر 23 سال آهي ۽ هوءَ ميڪ اپ ۽ ڪاسميٽڪس جي حوالي سان مشورا ڏيندي آهي.

@dollievision Doing my makeup my favorite concelar @NARS Cosmetics and contour stick. @Fenty Beauty #grwm #makeup ♬ Pink Friday Girls – Nicki Minaj


سندس اڪائونٽ تي هن وقت 27 لک سبسڪرائبرز آهن. سڀ کان وڌيڪ ڏٺي ويندڙ وڊيو هلندڙ سال جي بهار جي موسم ۾ اپ لوڊ ڪئي وئي هئي. وڊيو ۾ عورت پنهنجن فالورز کي ٻڌايو آهي ته ڪيئن ميڪ اپ ڪيو ويندو آهي، وڊيو جي بيڪ گرائونڊ ۾ هلڪي موسيقي آهي. ٽڪ ٽاڪ جي انتظاميا چيو آهي ته ان وڊيو مان ٽڪ ٽاڪ جا لکين واهپيدار فائدو وٺندا آهن. ٽڪ ٽاڪ جي گھڻا واهپيدار نوجوان آهن جن کي جنريشن زي جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.