همراهه لالڪ بيگ مارڻ لاءِ اپارٽمينٽ ۾ ڌماڪو ڪري ڇڏيو

لال بيگ اهو جاندار آهي جنهن بابت چيو ويندو آهي ته اهو کائڻ کانسواءِ 3 مهينا،پاڻي کانسواءِ هڪ مهينو جڏهن ته هوا کانسواءِ 45 منٽن تائين زندهه رهي سگھي ٿو.
پر گھرن ۾ انهن جي نظر اچڻ ڪنهن کي ناهي وڻندو ڇو جو انهن جيتن جي ڪري مهمانن جي آڏو شرمندگي ته ٿيندي ئي آهي پر ان سان گڏوگڏ مختلف مرض جو خطرو به وڌي ويندو آهي.
اهو ئي سبب آهي جو ماڻهو انهن کي مارڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهن.
پر جاپان ۾ هڪ لال بيگ مارڻ جي چڪر ۾ هڪ شخص پنهنجي اپارٽمينٽ ۾ ئي ڌماڪو ڪري ڇڏيو.
جي ها اهو عجيب واقعو جاپاني شهر ڪوما موتو ۾ 10 ڊسمبر تي پيش آيو.
54 سالن جي شخص (ان جو نالو ظاهر ناهي ڪيو ويو) کي پنهنجي اپارٽمينٽ ۾ هڪ لاڪ بيگ نظر آيو ته هن چپل بدران جيت مار دوا سان ان کي مارڻ جو فيصلو ڪيو.
مقامي پوليس موجب همراهه لال بيگ کي مارڻ لاءِ تمام گھڻي مقدار ۾ جيت مار دوا هاري ڇڏي.
دوا جي گھڻي استعمال جي نتيجي ۾ ڌماڪو ٿيو جنهن سان هڪ دريءَ ڀورا ڀورا ٿي وئي جڏهن اهو شخص به معمولي زخمي ٿيو.
اهو واضح ناهي ته ڌماڪو ڇو ٿيو پر پوليس جي خيال ۾ دوا کي برقي شين تي هاريو ويو جنهن سبب باهه لڳي.
اهو پهريون ڀيرو ناهي ٿيو جو جاپان ۾ اهڙي طرح جيت مار دوائن جي استعمال سان ڌماڪو ٿيو هجي.
ان کان اڳ به اتي اهڙا ڪيترائي واقعا رپورٽ ٿي چڪا آهن.
ماهرن موجب جيت مار دوائن کي مخصوص هنڌن تي هارڻ خطرناڪ هوندو آهي.
هنن بڌايو ته بجلي وارين شين جهڙوڪ موٽر يا کُليل تارن تي دوائون هارڻ سان به لڳڻ جو خطرو وڌندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.