پاڪستان ريلوي ٻين ملڪن کي به ريلوي هلائڻ لاءِ تربيت ڏيڻ لڳو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلوي طرفان ٻين ملڪن کي به ريلوي هلائڻ بابت تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي، ان حوالي سان مختلف ملڪن جي ريلويز جي 7 رڪني وفد لاهور جو دورو ڪيو.
وفد ۾ سرلنڪا، آذربائيجان، يوگنڊا سميت ٻين ملڪن جا آفيسر شامل هئا، وفد کي ريلوي اسٽيشن تي ٽرين ڊسپيچ سميت ريزرويشن آفيس جو به دورو ڪرايو ويو.
ڊي ايس ريلوي محمد حنيف گل وفد کي ريلوي جي ٽريفڪ، اليڪٽريڪل، مڪينيڪل ۽ ڪمرشل ڊپارٽمينٽ سميت مختلف شعبن تي بريفنگ ڏني.
واضح رهي ته پاڪستان ريلوي ٻين ملڪن کي به ريلوي هلائڻ بابت تربيت فراهم ڪري رهيو آهي، مختلف ملڪن جي ريلويز جو وفد پاڪستان ريلويز جي 119 ايڊوانس ڪورس لاءِ پاڪستان آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.