آخرت جي تياري منهنجو خواب آهي:نيلم منير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي خوبصورت اداڪارا نيلم منير پنهنجي زندگي جي سڀ کان وڏي مقصد ۽ خواب بابت پهريون ڀيرو کُلي ڪري ڳالهايو آهي.
نيلم منير انسٽاگرام تي سوال جواب جو سيشن رکيو جنهن ۾ مداحن شرڪت ڪئي. مداحن پاران پڇيل سوالن ۽ اداڪارا پاران ڏنل جوابن جا اسڪرين شاٽ سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيا آهن.
هڪ مداح اداڪارا کان سوال ڪيو ته ”اوهان جو خواب ڇا آهي؟“ جنهن جو جواب سوشل ميڊيا گردش ڪري رهيو آهي.
اداڪارا جواب ۾ لکيو ته جواب اهو آهي ته بيشڪ موت برحق آهي، آئون چاهيان ٿي ته منهنجي جنازي نماز سٺي هجي. الله جي حڪم سان مون کي جنت ۾ اعليٰ مقام حاصل ٿئي.
نيلم منير لکيو ته الله مون کي بخشي، مون تي رحم فرمائي، مون کي هدايت ڏئي ۽ انهن ماڻهن ۾ شامل ڪري جيڪي الله پاڪ کي پسند هجن. منهنجي ڪا به دنياوي خواهش ناهي، پنهنجي آخرت جي تياري ڪرڻي آهي ۽ اهو ئي منهنجو خواب آهي.
نيلم منير جي ڳڻپ پاڪستان جي ناليوارين اداڪارائن ۾ ڪيو ويندو آهي جنهن مختلف ڊرامن ۽ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.