اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي ڪريمنل لا ترميمي آرڊيننس 2023 جاري ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب صدر ڪريمنل لا ترميمي آرڊيننس 2023 جاري ڪري ڇڏيو آهي، آرڊيننس جو مقصد پاڪستان پئنل ڪوڊ 1860 جي سيڪشن 460 (O) ۾ ترميم ڪرڻ آهي.
ڪمپنين کي بجلي چوري جي واقعن تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۾ ڏکيائي هئي، نئين آرڊيننس تحت بجلي چوري جي واقعا گرفتاري جوڳو ڏوهه هوندا.
آرڊيننس کانپوءِ بجلي چوري نه رڳو 17هين گريڊ جي آفيسر يا مٿي جي آفيسر پر بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين جي سي اي اوز جي نامزد ڪيل ماڻهن جي شڪايت تي به گرفتاري جوڳو ڏوهه هوندي.
صدر آرڊيننس آئين جي آرٽيڪل 89 هڪ تحت جاري ڪيو، آرڊيننس سان توانائي جي شعبي ۾ ٿيندڙ تقريبن 590 ارب رپين جي بجلي چوري تي ضابطي ۾ مدد ملندي.
Prev Post
Next Post
You might also like