عمران خان توشا خانا ڪيس ۾ به گرفتار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت تحريڪ انصاف جي اڳوڻي چيئرمين عمران خان جي توشا خانا ڪيس ۾ عبوري ضمانت خارج ڪري ڇڏي.
احتساب عدالت جي جج محمد بشير اڊيالا جيل ۾ ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو هاڻ ٻڌايو ويو آهي.
عدالت عمران خان جي عبوري ضمانت خارج ڪري ڇڏي، نيب ضمانت خارج ٿيڻ کانپوءِ توشا خانا ڪيس ۾ به عمران خان جي گرفتاري وجهي ڇڏي.
صحافين سان ڳالهائيندي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب سردار مظفر عباسي چيو ته عمران خان جو سڀاڻي جسماني رمانڊ حاصل ڪيو ويندو.
واضح رهي ته توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان عبوري ضمانت تي هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.