اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ نااهلي جي مدي بابت سمورا ڪيس گڏ ٻڌڻ جو فيصلو ڪري ورتو ۽ چيو ته نااهلي جي مدت جي سوال وارا ڪيس جنوري جي شروعات ۾ مقرر ڪيا ويندا.
سپريم ڪورٽ نااهلي جي مدي بابت مير بادشاهه قيصراڻي ڪيس جو لکت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ نااهلي جي مدي بابت سمورا ڪيس گڏ ٻڌڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
عدالت عظميٰ جي جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته نااهلي جي مدي جي سوال وارا ڪيس جنوري جي شروعات ۾ مقرر ڪيا ويندا.
حڪم نامي موجب ايڊيشنل اٽارني جنرل نشاندهي ڪئي ته آئيني سوال واري ڪيس تي گهٽ ۾ گهٽ 5 رڪني بئنچ ضروري آهي، ڪيس ڪميٽي طرفان جوڙيل بئنچ سامهون مقرر ڪيو وڃي.
Next Post
You might also like