سونو نگم پاڪستاني گلوڪار کان معافي وٺي ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي مشهور گلوڪار سونو نگم پاڪستاني گلوڪار عمر نديم کان گيت ڪاپي ڪرڻ تي معافي گھري ورتي.
انسٽاگرام تي گلوڪار عمر نديم پوسٽ شيئر ڪندي ٻڌايو ته هن ڀارتي گلوڪار سونو نگم جي معافي قبول ڪري ورتي آهي.
انسٽاگرام پوسٽ ۾ عمر نديم سونو نگم جي ڪمينش جا ڪجهه اسڪرين شاٽس به شيئر ڪيا.
سونو نگم گيت جي ڪاپي جو اعتراف ڪندي معافي گھرندي لکيو ته ڄاڻايل گيت ان کان اڳ نه بڌو هو ۽ جيڪڏهن ٻڌي وٺون ها ته ٽي سيريز لاءِ اهو گيت ڪڏهن به رڪارڊ نه ڪرايون ها.
ڀارتي گلوڪار اهو به ٻڌايو ته ان گيت کي هن فلمي ليکڪ ڪي آر ڪي، جيڪو دبئي ۾ سندس پاڙيسري آهي جي چوڻ تي ٽي سيريز جي بينر هيٺ رڪارڊ ڪرايو هو.
سونو نگم عمر نديم جي گيت جي تعريف ڪئي ۽ لکيو ته هن جي گيت کان بهتر اصل گيت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.