ڪراچي وارن کي وڏو جهٽڪو ڏيڻ جي تياري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪراچي لاءِ بجلي 1.72 رپيا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي، ڪراچي جي واهپيدارن لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست نيپرا ۾ جمع ڪرائي وئي آهي.
وفاقي حڪومت ڪراچي لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست نيپرا ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، جنهن ۾ ڪراچي وارن لاءِ بجلي 1.72 رپيا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جو چيو ويو آهي.
هڪ رپيو 25 پئسا في يونٽ واڌ جنوري کان مارچ 2023 ۽ آڪٽوبر کان ڊسمبر 2022 جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 47 پئسا في يونٽ واڌ گهري وئي آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ برابر ٽيرف برقرار رکڻ لاءِ واڌ گهري وئي آهي، نيپرا طرفان درخواست تي ٻڌڻي 20 ڊسمبر تي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.