خوشخبري، سون اڄ به سوين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ به سون سوين رپيا سستو ٿي ويو.
عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه گهٽجڻ سان مقامي مارڪيٽن ۾ به سون سستو ٿي ويو.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب هڪ هزار رپيا لاٿ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 12 هزار 600 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 858 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 82 هزار 270 رپين جو ٿي ويو آهي.
واضح رهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 7 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 1998 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.