شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو قتل ڪيس،جوابدارن جي بريت خلاف اپيل تي ٻڌڻي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي بريت خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي.
اڳوڻو پوليس آفيسر واجد دراني کي ويل چيئر تي عدالت آندو ويو جڏهن ته جوابدار ۽ اڳوڻو پوليس آفيسر گلزار خان، احمد خان ۽ ٻيا به عدالت ۾ پيش ٿيا.
وڪيل عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته شعيب سڊل ملڪ کان ٻاهر آهي، پيش ٿيڻ جو وقت ڏنو وڃي، جڏهن ته اڳوڻو پوليس آفيسر شاهد حيات، شبير احمد قائمخاني، مسلم شاهه سميت ڪجهه جوابدار فوت ٿي چڪا آهن.
سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي ڊي آءِ جي ڪراچي شعيب صديقي، ذوالفقار احمد، ظفراقبال ۽ ٻين کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو.
عدالت ايس ايس پي اوڀر کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي فوت ٿي ويل جوابدارن جي تصديق ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت چيو ته ڪيس تمام پراڻو ٿي ويو آهي سڀني جوابدارن کي پنهنجي وڪيلن سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيڻ گهرجي.
واضح رهي ته 20 سيپٽمبر 1996ع تي مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين کي ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ سندن گهر ڀرسان گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو.
ڪيس ۾ نامزد 20 پوليس آفيسرن کي ماتحت عدالت ڊسمبر 2009 ۾ بري ڪري ڇڏيو هو، جن جي بريت خلاف مير مرتضيٰ ڀٽو جي ملازم نور محمد گوگا 2010ع ۾ اپيل داخل ڪرائي هئي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 23 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.