شادي کان انڪار ڪرڻ تي عورت عاشق تي تيزاب هاري ڇڏيو

بهار (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست بهار جي ضلعي ويشالي ۾ هڪ 24 ورهين جي ناري هڪ شخص تي تيزاب هاري ڇڏيو،جنهن جي ڪري سندس چهرو بري طرح سڙي ويو، حملي جو سبب مرد پاران عورت سان شادي ڪرڻ کان انڪار هو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب پوليس ذريعن جو ان حوالي سان چوڻ هو ته عورت کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته عورت جي مدد ڪندڙ هڪ ٻئي جوابدار جي ڳولا جو عمل جاري آهي.
پوليس موجب عورت پنهنجي اعترافي بيان ۾ چيو آهي ته ان شخص هن کي شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو جنهن کان پوءِ هن سندس چهرو خراب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
پوليس ٻڌايو ته متاثر 22 ورهين جي ڌرميندر ڪمار جيڪو ٽيڪسي ڊرائيور آهي، حاجي پور جي هڪ خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. متاثر ۽ جوابدار عورت، 24 ورهين جي سريتا ڪماري ٻئي پاڙيسري آهن ۽ گذريل پنجن مهينن کان هڪ ٻئي سان لاڳاپن ۾ هئا.
ڌرميندر کي عورت جو فون آيو جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته هوءَ هن سان ملڻ چاهي ٿي، اهو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن نوجوان ناري سان ملڻ ان جي گھر وڃڻ وارو هو.
ان تي عورت ۽ هڪ اڻڄاتل شخص نوجوان جي چهري تي تيزاب سان حملو ڪيو، جنهن بابت خيال ڪيو پيو وڃي ته اهو ناريءَ جو سڃاتل آهي ۽ فرار ٿي ويو آهي.
واقعي کان پوءِ مقامي ماڻهن متاثر شخص جي رڙيون ڪرڻ تي کيس اسپتال پهچايو.
متاثر نوجوان پنهنجي بيان ۾ پوليس کي ٻڌايو ته هو گذريل پنجن مهينن کان عورت سان رابطي ۾ هو، شروعاتي جاچ مان خبر پئي آيه ته عورت ٽن ٻارن جي ماءُ آهي ڪجهه عرصو اڳ پنهنجي مڙس کان ڌار ٿي چڪي هئي.
پڇاڳاڇا دوران عورت اعتراف ڪيو ته ڌرميندر هن سان شادي نه پيو ڪرڻ چاهي جنهن جي ڪري هن اهو ڪم ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.