ڇا اوهان هي دلچسپ ۽ خطرناڪ سائنسي حقيقتون ڄاڻو ٿا؟

سائنس اسان جي زندگي ۾ مک ڪردار ادا ڪندي آهي ڇو جو ڪيترن ئي فعلن جو دارومدار انهيءَ تي هوندو آهي ته ڇا اوهان ان جي دلچسپ ۽ خطرناڪ حقيقتن کان واقف آهيو جيڪڏهن نه ته اسان اوهان کي ٻڌايون ٿا.

دنيا جيئن جيئن ترقي جون منزلون طئي ڪندي پئياچي انسان تي حقيقتن جا ڪيترائي حيران ڪندڙ درکلندا پيا وڃن جن مان ڪجهه دلچسپ آهن ته ڪجهه خطرناڪ به اڄ اسان اوهان کي ڪجهه اهڙين ئي حقيقتن کان آگاهه ڪري اوهان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪري رهيا آهيون.

يقين نه ڪرڻ جوڳي حقيقت

ڪنهن به جاندار جو منڍي کانسواءِ زندهه رهڻ تقريبن ناممڪن آهي پر گذريل صدي ۾ ائين ٿي چڪو آهي. اهو يقين نه ڪرڻ جوڳو واقعو 1945 ۾ پيش آيو جڏهن 10 سيپٽمبر 1945ع تي هڪ آمريڪي هاري لوئيڊ اولسن هڪ ڪڪڙ کي سير ڏني پر اها مري نه ۽ 18 مهينن تائين منڍي کانسواءِ زندهه رهي.

خطرناڪ سائنسي حقيقتون

جيڪڏهن اوهان ٽاءِ پائيندا آهيو ته اها ڳالهه اوهان لاءِ ڳڻتي جوڳي ٿي سگھي ٿي ته ٽاءِ پهرڻ سان دماغ ۾ رت جو وهڪرو 7.5 سيڪڙو تائين گھٽجي ويندو آهي.

اوهان کلندي مري به سگھو ٿا. عام طور تي تيز ٽهڪ ڏيڻ ۽ لاڳيتو کِلڻ دل جو دورو پوڻ يا ساهه منجهڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿو ۽ ماضي ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا ٿي به چڪا آهن.

ان ڪري ڪاميڊي شوز ڏسڻ وقت احتياط ڪريو.

انگريزي ٻوليءَ جو سڀ کان وڏو لفظ pneumonoultramicroscopicsilicovolcanokoniosis آهي جيڪو ڦڦڙن جي هڪ قسم جي بيماري آهي.

دلچسپ سائنسي حقيقت:

هڪ ڪڪر جو وزن تقريبن هڪ ملين ٽن هوندو آهي.

زرافن تي آسماني وڃ ڪرڻ جو امڪان 30 ڀيرا وڌيڪ هوندو آهي.

جاڙن ٻارن جون گھڻيون عادتون ته هڪ جهڙيون ٿي سگھن ٿيون پر سندن آڱرين جا نشان قطعي هڪ جهڙا ناهن هوندا.

اوهان جو دماغ لاڳيتو پاڻ کي کائي رهيو هوندو آهي ان عمل کي phagocytosis چيو ويندو آهي جنهن جيوگھرڙا ننڍن جيوگھرڙن يا ماليڪيولز کي اعصابي نظام مان نڪرڻ لاءِ کائينداآهن.

پر فڪر ڪرڻ جي ڪا به ڳالهه ناهي ڇو جو اهو عمل نقصانڪار ناهي پر اوهان جي دماغ کي محفوظرکڻ ۾ مدد ڪندو آهي.

ڊائناسارهيل تائين دنيا جو دريافت ڪيل سڀ کان وڏو جانور آهي انهيءَ مناسبت سان ان جي هر شيءِ ٻين جانورن جي ڀيٽ ۾ وڏي آهي. هيل تائين ڊائناسار جو جيڪو فضلو دريافت ٿيو آهي انهن مان هڪ ٽڪرو 30 سينٽي ميٽر ڊگهو ۽ وزن ٻن ڪلن کان وڌيڪ اٿس.

دنيا جا بيڪٽيريا ڪيترا آهن ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته جيڪڏهن سڀني بيڪٽيريا کي جيڪڏهن هڪ ٻئي جي مٿان رکيو وڃي ته انهن جي اونچائي 10 ارب نوري سالن جي برابر هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.