سعودي تيل ڪمپني آرامڪو جي پاڪستان ۾ وڏي سيڙپڪاري

دنيا جي مشهور گڏيل توانائي ۽ ڪيميڪل ڪمپنين مان هڪ سعودي تيل ڪمپني آرامڪو، گئس اينڊ آئل پاڪستان لميٽيڊ (جي او) جا 40 سيڪڙو شيئرز حاصل ڪري ورتا.
سعودي تيل ڪمپني اڱاري تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته آرامڪو ”جي او“ جا 40 سيڪڙو شيئرز حاصل ڪرڻ لاءِ حتمي معاهدن تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن.
جي او هڪ ڊائون اسٽريم فيول، لبريڪنٽس ۽ فيسيليٽي اسٽورز آپريٽر آهي ۽ پاڪستان جي سڀ کان وڏي ريٽيل ۽ اسٽوريج ڪمپنين مان هڪ آهي.
آرامڪو موجب اهو معاهدو ڪجهه روايتي شرطن (ريگيوليٽري منظوري سان گڏ) مشروط آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.