ڀٽو ڦاهي ريفرنس عدليه لاءِ امتحان ۽ رت جا داغ ڌوئڻ جو موقعو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سپريم ڪورٽ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ريفرنس تي ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هي ريفرنس عدليه لاءِ امتحان ۽ هن اداري جي هٿن تي رت جا داغ ڌوئڻ جو هڪ بهترين موقعو به آهي.

بلاول ڀٽو چيو ته اسان چيف جسٽس ۽ سڀني ججز جا شڪر گذار آهيون جو هن ريفرنس کي ٻڌو پيو وڃي، اسان ٿورائتون آهيون ته اسان کي هن ڪيس ۾ ٻڌڻ جو موقعو ڏنو پيو وڃي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ججز کين قائد عوام، شهيد بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جا شهيد ڪارڪن ته واپس نٿا ڏئي سگهن پر اهو فيصلو ته ڏين ته ڀٽو مظلوم هو.

پيپلزپارٽي چيئرمين موجب اهڙو فيصلو ٿيڻ گهرجي جو هميشه لاءِ اهو در بند ڪيو وڃي ته جيئن اڳتي وڃي ڪا عدليه اهڙي قسم جو ڪم نه ڪري سگهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اهو چيو ويندو آهي ته هن ڪيس کي مثال جي طور تي پيش ناهي ڪيو ويندو پر هو سمجهن ٿا ته جهڙي ريت اهو فيصلو ڪرايو ويو هو اهو مثال هلندو پيو اچي.

هن چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي درخواست ڪئي ته هو ان مثال کي به ختم ڪري ته جيئن اڳتي هلي اهڙو فيصلو ججز نه ڪن.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڳوڻي آمريڪي پرڏيهي وزير هنري ڪسنجر ذوالفقار علي ڀٽو کي اها ڌمڪي ڏني هئي ته اسان مثال بڻائي ڇڏينداسين.

چيف جسٽس پاڻ چيو هو ته 8 فيبروري تي چونڊون پٿر تي لکيل تاريخ آهي. هن چيو ته آصف زرداري پنهنجي انٽرويو ۾ وقت تي چونڊن جي ئي ڳالهه ڪئي آهي، جڏهن اليڪشن بابت زور ڏنو ويو ته پوءِ هن اهو جواب ڏنو هو.

هن چيو ته هن وقت تائين تاريخ ۾ ڪا تبديلي نظر نٿي اچي ۽ جيڪڏهن ائين لڳو ته هو پهريون شخص هوندو جيڪو ان خلاف بيهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.