زندگي کي موت جي آڙاهه ۾ نه اُڇلايو، جيون ئي مسئلن جو حل آهي

انيتا گهنشام

رڳو گذريل هڪ مهيني دوران اخبارن جي خبرن تي نظر وجهبي ته خبر پوي تي ته آپگهات ڪندڙن جي خاموش تاريخ لکي پئي وڃي، جنهن ۾ ڪنهن جي ڌيءَ، ڪنهن جو پيءُ ته ڪنهن جي ڀيڻ يا ڪنهن جي ماءُ زماني جي خراب روين ڪارڻ حياتي جو انت آندو آهي.

سوشل ميڊيا جي وڏي نيٽ ورڪ فيسبڪ تي روزانو جي بنياد تي ڪيترن ئي ماڻهن جا ڦاهو کاڌل، پاڻ ساڙڻ يا پنهنجو جيئرو وجود درياهه ۾ لوڙهڻ جا واقعا رپورٽ ٿين ٿا ۽ انهن ماڻهن جي لاشن جا هانءُ ڏاريندڙ فوٽو شيئر ٿين ٿا، جن کي ڏسي روح ريهون ڪري ٿو ته اهي آپگهات فقط آپگهات آهن يا انهن جي پٺيان ڪيترائي خاموش قاتل بيٺل آهن، جن کي ڪڏهن به پڪڙ ۾ نه آندو ويندو ۽ حياتي جو انت آڻيندڙ ڌيءَ، وني، ڀيڻ، ماءُ يا پٽ، پوٽي، ڀاءُ مڙس جي لاش مٿان دماغي توازن ٺيڪ نه هئڻ جي تختي لڳائي سموري لقاءَ کي لوڪ کان لڪائي قاتلن کي وڌيڪ ماڻهن کي قتل ڪرڻ جو جواز فراهم ڪيو وڃي ٿو.

ڇا اسان وٽ سماج ۾ جيڪي ماڻهو حياتي جو پاڻمرادو ڏيئو اُجهائي رهيا آهن اهي سمورا پنهنجي ذهني بيمارين جي ڪارڻ ئي ائين ڪن ٿا؟ جيڪڏهن اهو سچ آهي ته اسان وٽ انهن ماڻهن جي ذهني علاج يا تربيت ڪرڻ لاءِ اڃا تائين ڪي به ادارا قائم ڇو نه ڪيا ويا آهن، جتي مسئلن جي انبار هيٺ دٻجي اهي ماڻهو تيزيءَ سان پنهنجو جيون موت جي راهه ڏانهن دان ڪري رهيا آهن.

سماج ۾ سدائين سچ لڪائڻ لاءِ آپگهات جي واقعن تي من گهڙت ڳالهيون گهڙي اصل مسئلي ڏانهن ڌيان هٽايو وڃي ٿو، جنهن سبب ويجهي ماضي ۾ ههڙا هانءُ ڏاريندڙ واقعا روزانو جي بنياد تي رپورٽ ٿي رهيا آهن، جن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ سڀني سماج واسين کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ٻي صورت ۾ احساس جي بينائي کان محروم موت ماڻهپو ڳڙڪائي ويندو.

بلڪل زندگي الله پاڪ طرفان مليل ھڪ انمول تحفو آھي، جنھن کي فطرتي دلڪش نظارن جي وچ ۾ گذارڻ جو موقعو مليو آھي، جتي ھر پل خوشي سان گذاريو، زندگي گذارڻ ھڪ آرٽ آھي، ڇاڪاڻ ته اوھان وٽ سائنسي دل آھي، ھاڻي سائنسي دل کي آرٽ جي طريقي سان ڪيئن ٿا گذاريو اھو راز آھي ۽ فلسفو! زندگي ۾ انسان ھميشه پيار ۽ محبت جو طلبگار رھيو آھي، جنهن جو مثال اسان جو سماج ۾ هڪٻئي سان گڏ رهڻ ۽ اعليٰ وهنواري رويو اختيار ڪرڻ آهي.

محبت ۽ اعتبار زندگي کي بلڪل خوبصورت بڻائين ٿا، انسان محبت جي تخليق آھي، جنهن کي عارضي ڏکن کي ڏسي موت جي آڙاهه ۾ نه اُڇلايو وڃي، درپيش مسئلن کي منهن ڏئي آدرشي حياتي گذارجي، تڏهن ئي ته حسن درس چيو آهي ته ”زندگي ڀلي اھڙي ٽڪ تي رلي جھڙي آئون وڇايان تون نه ويھين ڇو نه پوءِ ويڙهي ڇڏيان“.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.