پاڪستاني ليڊرن جي چونڊن ۾ اسان جو ڪو به ڪردار ناهي:آمريڪا

واشنگٽن ڊي سي (ويب ڊيسڪ) آمريڪا چيو آهي ته پاڪستاني ليڊرن جي چونڊن ۾ اسان جو ڪو به ڪردار ناهي، اسان پاڪستاني عوام جي چونڊيل قيادت سان ڳالهائيندا آهيون.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر پريس بريفنگ ۾ چيو ته سمورن معاملن تي پاڪستان جي حڪومت سان ڳالهه ٻولهه جاري رکنداسين، افعانستان، پاڪستان وچ ۾ مختلف مسئلن جي سفارتي حل جي حمايت ڪريون ٿا.
ميٿيو ملر چيو ته اڳوڻن افغان پارليامينٽ ميمبرن کي ڪرپشن تي نامزد ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ڪري رهيا آهيون، اڳوڻن ميمبرن ۽ سندن ويجهن مائٽن کي آمريڪا ۾ داخلا لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو آهي.
امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته بدعنواني ۾ ملوث ماڻهن سان سلهاڙيل 44 ڪمپنين کي به نامزد ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.