سکر: جان محمد مهر جي ڪيس ۾ گرفتار 3 سهولتڪار ضمانت تي آزاد

سکر (ويب ڊيسڪ) سکر جي عدالت، شهيد صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدارن کي پناهه ڏيڻ جي الزام هيٺ گرفتار ٽن جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي.

سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج عبدالرحمان قاضي، عاقل ڌاريجو، اميد علي قادراڻي ۽ سرور مصراڻي جتوئي کي 50-50 هزار مچلڪن عيوض ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ضمانت تي آزاد جوابدارن ۾ عاقل ڌاريجو. اميد علي قادراڻي ۽ سرور مصراڻي جتوئي شامل آهن .

سکر پوليس قادراپور ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي جوابدار عاقل ڌاريجو ۽ اميد علي قادراڻي ۽ سرور مصراڻي ۽ ٻين جوابدارن خلاف قتل ڪيس جي مرڪزي جوابدارن شيرل مهر. جمعو مهر ۽ ٻين کي پناهه ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪيو هو.

عدالت شهيد جان محمد مهر جي قتل ڪيس جي مرڪزي جوابدارن کي پناهه ڏيڻ واري سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.