اعتزاز احسن جي ڀٽو صدارتي ريفرنس تي عدالتي مدد کان معذرت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيئر سياستدان اعتزاز احسن ذوالفقار ڀٽو صدارتي ريفرنس ۾ عدالتي مدد کان معذرت ڪري ڇڏي.
چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 9 رڪني لارجر بئنچ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي سزا بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت صدارتي ريفرنس ۾ 9 مددگار مقرر ڪندي چيو ته جسٽس (ر) منظور ملڪ کي عدالتي مددگار مقرر ڪيو وڃي ٿو ۽ ان جي مدد سان راضپي سان مشروط هوندي، فوجداري معاملن تي عدالت جي مدد لاءِ خواجا حارث کي به مددگار مقرر ڪيو وڃي، جڏهن ته بئريسٽر سلمان صفدر کي به عدالتي مددگار مقرر ڪيو وڃي، عدالتي مددگارن کي نوٽيس جاري ڪندي جواب ورتو ويندو.
ٻڌڻي دوران وڪيل احمد علي ڪرد روسٽرم تي اچي چيو ته مون کي عدالت مددگار مقرر ڪيو هو، ريفرنس ۾ عدالت جي مدد ڪندس، ان تي چيف جسٽس پڇيو ته ڇا ڪو ٻيو عدالتي مددگار آهي؟ جنهن تي وڪيل سعد هاشمي ٻڌايو ته مخدوم علي خان به عدالت جي مدد ڪندو.
چيف جسٽس چيو مطلب هاڻ رڳو ٻه ئي عدالتي مددگار ٿا بچن، اسان کي وڌيڪ عدالتي مددگار مقرر ڪرڻا پوندا پر سينيئر قانونداد اعتزاز احسن عدالتي مدد کان معذرت ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.