آمريڪا جو ايف 16 جهاز ڏکڻ ڪوريا ۾ ڪري تباهه

سيئول (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڪوريا ۾ آمريڪي فوج جو ايف 16 جهاز معمول جي تربيتي اڏام دوران تباهه ٿي ويو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ڏکڻ ڪوريا جي اولهندي سامونڊي علائقي ڪنسن ۾ موجود هڪ آمريڪي هوائي اڏي تان معمول جي تربيتي اڏام ڀريندڙ ايف 16 جهاز هنگامي صورتحال کي منهن ڏنو.
جهاز جو اڏام جي ڪجهه دير بعد ڪنٽرول روم سان رابطو ڪٽجي ويو جنهن کان پوءِ شروع ڪيل سرچ آپريشن دوران ڏکڻ ڪوريا جي ڪوسٽ گارڊز کي جهاز ملي ويو.
ڦڪي سمنڊ ۾ ڪريل آمريڪي جهاز ۾ هڪ پائلٽ موجود هو جنهن کي ڏکڻ ڪوريا جي ڪوسٽ گارڊز وقت سر ڪارروائي ڪري زندهه ڪڍي ورتو ۽ واپس ڪنساس ايئربيس تي پهچائي ڇڏيو.
آمريڪي حڪومت پائلٽ کي حفاظت سان ڪڍڻ ۽ سندس حياتي بچائڻ تي ڏکڻ ڪوريا جي ڪوسٽ گارڊ جو ٿورا مڃيا. واقعي جي جاچ لاءِ آمريڪي هوائي فوج جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.
واضح رهي ته ڏکڻ ڪوريا ۾ آمريڪي فوج جي استعمال هيٺ ٻه ائير بيس آهن، اتر ڪوريا جي مقابلي ۾ آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا مخالف ملڪ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.