اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي ليپ ٽاپ اسڪيم تي هلندڙ مالي سال 10 ارب خرچ ڪرڻ جو منصوبو آهي، اسڪيم جي ايندڙ مرحلي جي تيارين کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي.
سڄي ملڪ ۾ سمورن ڊگري پروگرامن تحت ليپ ٽاپ ورهايا ويندا، شاگردن کي آن لائين پورٽل ذريعي ليپ ٽاپ لاءِ درخواست ڏيڻي پوندي.
بلوچستان جي شاگردن لاءِ ليپ ٽاپ اسڪيم ۾ ڪوٽا 6 سيڪڙو مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.
ليپ ٽاپ 60% ساليانو، 70% سيمسٽر مارڪون کڻندڙن کي ملندا.
خانگي تعليمي ادارن جا شاگرد ان اسڪيم مان فائدو حاصل نه ڪري سگهندا.
گورنمينٽ ڊگري يا پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج ۾ پڙهندڙ به ان اسڪيم کان محروم رهندا، وفاقي يا صوبائي اسڪيم مان فائدو وٺندڙن کي وري ليپ ٽاپ نه ملندو.