نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪرناٽڪا ۾ ڇوڪري سان تعلق هجڻ تي ڇوڪري جي گھروارن نوجوان جي ماءُ کي ڪپڙن کان آجو ڪري پول سان ٻڌي ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب عورت کي ڪپڙن کان آجو ڪري پريڊ ڪرائڻ ۽ پول سان ٻڌي تشدد جو نشانو بنائڻ جو افسوس جوڳو واقعي ڪرناٽڪا رياست جي علائقي بلاگو ۾ آچر جي ڏينهن پيش آيو.
ڀارتي پوليس موجب نوجوان ۽ ناري جا پاڻ ۾ لاڳاپا هئا ۽ جڏهن ڇوڪريءَ جي گھروارن کي ان بابت خبر پئي ته هنن نوجوان جي گھر تي حملو ڪري ڏنو.
مقامي پوليس جو چوڻ آهي ته ناريءَ جي گھروارن نوجوان جي ماءُ کي گھلي ٻاهر ڪڍي ڪپڙن کان آجو ڪري پول سان ٻڌي تشدد جو نشانو بڻايو.
ان حوالي سان ڪرناٽڪا رياست جي وڏي وزير سداراميا سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته عورت سان پيش آيل افسوس جوڳي واقعي پوري معاشري جو ڪنڌ شرم وچان جهڪائي ڇڏيو آهي، اسان جي حڪومت اهڙن معاملن تي سختي سان ايڪشن کڻي رهي آهي ۽ جيڪو به ڏوهه ۾ ملوث هوندو ان خلاف ڪارروائي ٿيندي.
ٻي پاسي رياست جي گھرو وزير پراميشورا جو چوڻ هو ته واقعي ۾ ملوث 7 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي جن کي جلد عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
You might also like