اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل بابت ريفرنس کي لائيو نشر ڪرڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي.
بلاول ڀٽو جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ طرفان سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته صدارتي ريفرنس منهنجي پيءُ آصف زرداري طرفان داخل ڪيو ويو هو.
درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته ٻڌڻي جي ڪارروائي لائيو نشر ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.
چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني لارجر بينچ سڀاڻي ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاران اپريل 2011ع ۾ سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي ويندي.
واضح رهي ته پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي ذوالفقار علي ڀٽو ريفرنس جي ٻڌڻي لائيو نشر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو.