اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت به فوجي عدالتن ۾ سول ٽرائل خلاف سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي.
گهرو وزارت طرفان داخل ڪيل اپيل ۾ انٽرا ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي، اپيل ۾ مختلف قانوني سوال اٿاريا ويا آهن ته ڇا آرٽيڪل 199 تحت ڪيس پهريان هاءِ ڪورٽ وڃڻ گهرجي ها؟.
اپيل ۾ سوال ڪيو ويو آهي ته لفظ سولين تمام وسيع اصطلاح آهي، ڇا عدالت ان کي نظرانداز نه ڪيو؟ سولين جي اصطلاح ۾ پرڏيهي ۽ دهشتگرد به شامل آهن.
گهرو وزارت طرفان اپيل ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ پاڻ ڪيترائي ڀيرا چئي چڪي آهي ته ٻيا فورم موجود هجن ته آرٽيڪل 184/3 کان پاسو ڪرڻ گهرجي.