عوام جي صحت داءَ تي لڳائڻ تي بالي ووڊ جي ٽن وڏن اداڪارن کي نوٽيس جاري

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ٽن سپر اسٽارن شاهه رخ خان، اڪشي ڪمار ۽ اجي ديوگن کي گٽڪي جي اشتهار ۾ ڪم ڪرڻ تي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب گذريل سال شاهه رخ خان، اڪشي ڪمار ۽ اجي ديوگن گٽڪي جي هڪ اشتهار ۾ ڪم ڪيو هو، جنهن کانپوءِ ٽنهي تي سخت تنقيد ٿي ۽ اڪشي ڪمار پنهنجي مداحن کان معذرت به ڪئي هئي ته اڳتي هو اهڙو ڪم نه ڪندو.
پوءِ موتي لال يادو نالي ايڊووڪيٽ اله آباد ڪورٽ ۾ ٽنهي اداڪارن خلاف درخواست ڏني هئي ۽ چيو هو ته حڪومتي اعزاز حاصل ڪندڙ اداڪارن جو گٽڪي جي اشتهار ۾ ڪم ڪرڻ درست ناهي، اهي دنيا کي غلط پيغام پهچائي رهيا آهن.
درخواست تي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي هئي ۽ عدالت ڀارتي حڪومت کي هدايت ڪئي هئي ته اعتراضن تي مناسب ڪارروائي ڪئي وڃي پر حڪومت طرفان ٽنهي اداڪارن خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي هئي.
ڀارتي حڪومت جي خاموشي کان تنگ اچي ايڊووڪيٽ موتي لال يادو تازو هڪ ڀيرو ٻيهر عدالت جو رُخ ڪيو، جنهن تي عدالت ٽنهي اداڪارن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.