اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) موبائل فون ڪمپنين جي خدمتن جي معيار کي جاچڻ لاءِ ڪيل سروي جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.
پي ٽي اي ترجمان موجب سروي خيبرپختونخواهه، پنجاب، سنڌ ۽ گلگت بلتستان جي 17 شهرن ۾ ڪئي وئي.
سروي دوران انهن علائقن ۾ موبائيل فون جي آواز، نيٽ ورڪ ڪوريج، ايس ايم ايس ۽ براڊ بينڊ ۽ ڊيٽا سروسز جي معيار کي جاچيو ويو.
ترجمان موجب سروي دوران موبائيل فون آپريٽرز جي اپ لوڊ ۽ ڊائون لوڊنگ جي رفتار معيار جي مطابق جاچي وئي.
گذريل سروي جي مقابلي ۾، نيٽ ورڪ ۽ ويب پيج جي لوڊنگ جي وقت ۾ ڪافي بهتري ڏٺي وئي، جڏهن ته، ڪجهه علائقن ۾ موبائيل فونن تي آواز جي معيار کي لائسنس ۾ بيان ڪيل معيار کان گهٽ ڏٺو ويو.
پي ٽي اي ترجمان موجب موبائيل فون آپريٽرز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي لائسنس جي معيار موجب خدمتن کي وڌيڪ بهتر ڪن.