عورتن کي بي لباس ڪندڙ اي آءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال وڌي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڄ ڪلهه اي آءِ ٽيڪنالاجي ذريعي مختلف ويب سائيٽس تي اوگهڙ ڏسڻ ممڪن بڻائي ڇڏيو آهي.

هلندڙ سال سيپٽمبر جي مهيني ۾ 24 ملين ماڻهن ڪپڙا ڊاهيندڙ ويب سائيٽس کي وزٽ ڪيو.

سوشل نيٽ ورڪس جو تجزيو ڪندڙ ڪمپني گرافيڪا جو چوڻ آهي ته کوڙ ويب سائيٽس اوگهڙ ۽ ڪپڙا ڊاهڻ جون خدمتون ڏئي رهيون آهن ۽ اهڙين ايپس ۾ 24 سئو سيڪڙو واڌ ٿي وئي آهي.

کوڙ اهڙيون تصويرون آهن جيڪي ڊيپ فيڪ ذريعي اڌ اگهاڙيون ڪري وائرل ڪيون ويون آهن ۽ فنڪار برادري به ان جو نشانو بڻجي رهي آهي.

جيتوڻيڪ اهڙي ٽيڪنالاجي تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي پر قانوني رنڊڪون آهن جنهن سبب اها ٽيڪنالاجي بي لغام بڻيل آهي.

تنهن ڪري واهپيدارن کي پنهنجون تصويرون ڪٿي به شيئر ڪرڻ کان اڳ چڱي ريت ان پليٽ فارم کي سمجهڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.