ملڪ ۾ علم پرائڻ به ڏکيو، ڪتابن جي اگهن ۾ 100 سيڪڙو واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نصابي ۽ درسي ڪتابن جي اگهن ۾ گذريل هڪ سال دوران 95 سيڪڙو واڌ ٿي وئي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان مهانگائي جي حوالي سان جاري ڪيل تازو ترين مانيٽر ظاهر ڪري ٿو ته نومبر 2022 کان هيل تائين نصابي ڪتابن جي اگهه ۾ 94.7 سيڪڙو واڌ ٿي چڪي آهي.
پبلشنگ هائوسز جو موقف آهي ته گذريل سال ڊالر جي اگهه ۾ وڏي واڌ سبب ڪاغذ جي درآمد تمام گهڻي مهانگي ٿي وئي آهي.
پر مارڪيٽ درآمد ٿيل نصابي ڪتابن سان ڀريل آهي، ڇو ته تقريبن سمورا نجي اسڪول مقامي طور شايع ٿيندڙ ڪتابن بدران ڪتابن بدران مهانگن درآمدي ڪتابن کي ترجيح ڏيندا آهن.
هڪ سرڪاري رپورٽ موجب ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪول ناهن ويندا ۽ ڪتابن جي اگهن ۾ واڌ ان انگ ۾ واڌ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.