پاڪستاني آءِ ٽي ڪمپنين جي وڏي ڪاميابي، 8 عالمي ايوارڊ کٽي ورتا

پاڪستاني آءِ ٽي فرمز ”ايشيا پيسيفڪ انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي الائس ايوارڊز 2023“ (اپيڪٽا 2023) ۾ 8 ايوارڊ کٽي ورتا.
پاڪستاني آءِ ٽي ڪمپنين هڪ گولڊ ۽ 7 ميرٽ ايوارڊ کٽيا.
اپيڪٽا ايوارڊز 2023 ۾ پاڪستان جي سڀ کان وڏي ڪاميابي سپر وومين ڪيٽيگري ۾ گولڊ ايوارڊ کٽڻ هو، سپر وومين ڪيٽيگري ۾ گولڊ ايوارد سپر وومين پاڪستان حاصل ڪيو.
نسٽ جي ڊرما ويزن، فاسٽ يونيورسٽي جي ايس ايس جي سي آٽو ميٽڊ ريڊر ميرٽ ايوارڊ حاصل ڪيو.
ايشيا پيسيفڪ آءِ سي ٽي الائنس آءِ سي ٽي ڪميونٽيز جي هڪ آرگنائيزيشن آهي، جنهن جو مقصد خطي ۾ ٽيڪنالاجي جي جدت کي هٿي ڏيڻ آهي.
ايشيا پيسيفڪ آءِ سي ٽي الائنس ۾ چين، جاپان، سنگاپور، سريلنڪا ۽ آسٽريليا سميت 16 وڏا ملڪ شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.