15 ڊسمبر کان پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهه ۾ وڏي لاٿ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 15 ڊسمبر کان هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 5.49 ڊالر في بيرل گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي، پيٽرول جي في بيرل قيمت 94.95 ڊالر آهي، جڏهن ته ڊالر جي قيمت 5.13 ڊالر گهٽجي 100.05 ڊالر جي سطح تي اچي وئي آهي.
عالمي سطح تي اگهن ۾ لاٿ ۽ ڊالر جو اگهه گھٽجڻ سان پاڪستان ۾ به 15 ڊسمبر کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
ملڪ ۾ هن وقت پيٽرول جي قيمت 281.34 رپيا ليٽر، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت 289.79 رپيا في ليٽر آهي.
حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ امڪاني تبديلي جو حتمي فيصلو 15 ڊسمبر تي ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.