سپر اسٽار يش پنهنجي نئين فلم جو اعلان ڪري ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڪي جي ايف سيريز ذريعي شهرت ماڻيندڙ سپر اسٽار يش جي نئين فلم جو اعلان ٿي ويو.
بلاڪ بسٽر ڪي جي ايف سيريز کان پوءِ اداڪار هڪ سال خاموش رهيو ۽ سندس نئين پروجيڪٽ بابت مختلف اڳڪٿيون ڪيون پئي ويون.
هاڻي اداڪار انسٽاگرام تي پنهنجي نئين فلم ’TOXIC‘جو ننڍو ٽيزر شيئر ڪندي مولانا رومي جو هڪ قول لکيو ته ”جنهن کي اوهان ڳوليندا آهيو اهو اوهان ڳولي ٿو“.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Yash (@thenameisyash)

فلم جي ڊائريڪٽر گيتو موهن داس آهي ۽ يش جي مقالبي ۾ سائي پلاوي ڪردار ادا ڪندي جڏهن ته فلم جي شوٽنگ هلندڙ مهيني کان شروع ٿي ويندي.
ذريعن موجب اها فلم ايڪشن ٿرلر هوندي جنهن ۾ هڪ منشيات فروش مافيا جي ڪهاڻي کي مرڪز بڻايو ويو آهي ۽ ان کي 10 اپريل 2025ع ۾ رليز ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.