پاڪستاني ڪمپني زهريلي مادي سان گدليون دوائون ٺاهڻ ۾ ملوث قرار

صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان جي هڪ دوائون ٺاهيندڙ ڪمپني غير معياري سيرپ ۽ سسپينشن ٺاهڻ ۾ ملوث نڪتي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڊبليو ايڇ او آمريڪا، ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ ٻين علائقن ۾ موڪليل انهن دوائن جي سڃاڻپ ڪئي.
ڊبليو ايڇ او چيو آهي ته اهي غير معياري دوائون پاڪستان ۾ ”فارمڪس ليبارٽريز“ نالي ڪمپني تيار ڪري رهي آهي ۽ انهن جي سڃاڻپ پهريون ڀيرو مالديپ ۾ ٿي هئي.
صحت جي عالمي ادري موجب مختلف بيمارين جي علاج لاءِ فعال جزن تي ٻڌل انهن دوائن ۾ ايٿيلين گلائڪول جي نه قبولڻ جوڳي سطح جي نشاهدي ٿي.
ايٿيلين گلائڪول ايٿنول جيان هڪ سي اين ايس ڊپريسنٽ آهي، ان جا ميٽابولائٽس زهريلا هوندا آهن ۽ وڌيڪ ميٽابولڪ ايسڊوسس، دماغي ورم، دل جي ناڪامي، گردن جي ناڪامي ۽ امڪاني طور موت جو ڪارڻ بڻجندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.