اميتاڀ بچن ايشوريا کي ان فالو ڪري ڇڏيو

ممبئي (ويب ديسڪ) بالي ووڊ جي مقبول جوڙي ايشوريا راءِ ۽ اڀيشيڪ بچن جي طلاق جي افواهن دوران اميتاڀ بچن پنهنجي ننهن کي سوشل ميڊيا تي ان فالو ڪري ڇڏيو.

ايشوريا راءِ ۽ اڀيشيڪ بچن جي طلاق جا افواهه ڪيترائي ڀيرا ميڊيا ۾ اچي چڪا آهن، اهڙيون خبرون به آيون هيون ته اداڪارا جا بچن خاندان سان لاڳاپا خراب ٿي رهيا آهن.

افواهن دوران ايشوريا راء ۽ اڀيشڪ بچن کي تازو ئي بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان جي ڌيء سوهانا خان جي پهرين فلم ‘دي آرچيز’ جي پريميئر ۾ پنهنجي خاندان سان گڏ ڏٺو ويو.

ايشوريا راءِ ۽ اڀيشڪ بچن کي ڊگهي عرصي کانپوءِ هڪ عوامي تقريب ۾ گڏ ڏسڻ کانپوءِ ٻنهي جي طلاق جا افواهه ختم ٿي ويا آهن پر هاڻ ايشوريا راءِ ۽ اميتاڀ بچن جي حوالي سان هڪ نئين خبر سامهون آئي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب اميتاڀ بچن پنهنجي ننهن ايشوريا راءِ کي پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تان انفالو ڪري ڇڏيو آهي.

اها خبر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندي ئي واهپيدارن جو چوڻ آهي ته ايشوريا راءِ ۽ بچن فيملي جي وچ ۾ ڪجهه غلط هلي رهيو آهي، جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن اها دعويٰ ڪئي ته اميتاڀ بچن ۽ ايشوريا راءِ هڪ ڀيرو انسٽاگرام تي هڪ ٻئي کي ان فالو ڪيو آهي.

واضح رهي ته اڀيشيڪ بچن ۽ ايشوريا راءِ جي شادي 2007ع ۾ ٿي هئي ۽ سندن ڌيءَ اراڌيا 2011ع ۾ پيدا ٿي هئي.

اڀيشڪ بچن مشهور ڀارتي اداڪار اميتاڀ بچن ۽ اداڪارا جيا بچن جو پٽ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.