شمسي توانائي سان رات جو بجلي پيدا ڪرڻ ۾ وڏي ڪاميابي

عمان/دوحه (ويب ڊيسڪ) سائنسدانن هڪ اهڙو طريقيڪار واضح ڪيو آهي جنهن کي استعمال ڪندي شمسي پاور اسٽيشن مان ٻيٽي مقدار ۾ توانائي حاصل ڪري سگھبي.

جرنل انرجي رپورٽس ۾ ڇپيل تحقيق ۾ سولر ٽاور پاور پلانٽ نالي هڪ نظام جو خيال پيش ڪيو ويو آهي جيڪو چمني جهڙي ٽاور تي ٻڌل آهي ۽ ان جي بنياد تي مڪينيڪل ٽربائن لڳل آهي.

اهو نظام ٻن حصن سان ڳنڍجي بڻيو آهي جنهن ۾ هڪ سولر اپ ڊرافٽ سسٽم آهي جڏهن ته ٻيو ڪولنگ ڊائون ڊرافٽ اسٽرڪچر آهي.

ٽاور جي اندر موجود هوا جڏهن شمسي شعاع جذب ٿيڻ کان پوءِ گرم ٿي ويندي آهي ته هڪ اپ ڊرافٽ بنائيندي آهي يعني هوا مٿين پاسي ويندي آهي ۽ ٽربائن کي فعال ڪري ڇڏيندي آهي جنهن جي نتيجي ۾ بجلي ٺهندي آهي.

هٿرادو ذهانت سان تيار ڪيل تصوير
هٿرادو ذهانت سان تيار ڪيل تصوير

پر، هسپانوي انجينيئرز پاران 1980 جي ڏهاڪي ۾ بڻايل ان شروعاتي ماڊل کي ناهي اپنايو ويو ڇو جو پنهنجي سائز جي ڪري اهو گھڻو مهانگو هو.

ان ڊزائين جي روايتي پاور پلانٽ سان به توانائي جي پيداوار محدود ٿيندي آهي ڇو جو ان جو دارومدار شمسي شعاعن تي هوندو آهي ۽ رڳو ڏينهن جي وقت ۾ فعال هوندا آهن.

هاڻ قطر ۽ اردن سان واسطو رکندڙ سائنسدانن بهتر اپ ڊرافٽ سان گڏ ڊائون ڊرافٽ ٽيڪنالوجي جي ملائي بهتر نتيجا حاصل ڪيا آهن.

(تصوير:الحسين ٽيڪنيڪل يونيورسٽي، اردن/قطر يونيورسٽي، قطر)
(تصوير:الحسين ٽيڪنيڪل يونيورسٽي، اردن/قطر يونيورسٽي، قطر)

ڊائون ڊرافٽ سسٽم (ٿڌي هوا جو هيٺين پاسي اچڻ) ۾ هڪ پمپ ٽاور جي مٿين حصي ۾ جتي گرم هوا گڏ ٿيندي آهي، پاڻي کڻي ويندو آهي ۽ هوا کي ٿڌو ڪندو آهي.

ٿڌي هوا ٻاهر جي هوا جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وزني هجڻ جي ڪري ٽاور ۾ لڳل سلينڊر جي ذريعي هيٺ اچي ويندي آهي ۽ بنياد ۾ لڳل ٽربائن تائين پهچي ان کي هلائيندي بجلي ٺاهيندي آهي.

محققن موجب ان نئين ٽوئن ٽيڪنالوجي سولر سسٽم (ٽي ٽي ايس ايس) ۾ انهن ٻنهي ڊرافٽ (اپ ڊرافٽ ۽ ڊائون ڊرافٽ) نظامن کي گڏائي ڏينهن جي وقت سج جي روشني جي گرم هوا مان رات جي وقت به توانائي بڻائي سگھجي ٿي.

سسٽم جي مادل مان خبر پئي آهي ته اهو نظام ساليانو 7 لک 52 هزار 763 ڪلو واٽ آوور بجلي يا 5 هفتن تائين تقريبن 753 گھرن کي فراهم ڪئي ويندڙ بجلي پيدا ڪري سگھي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.