”آسٽريليا خلاف پاڪستان جو اصل هٿيار هڪ ٻيو آفريدي هوندو“

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان شاهد آفريدي پاڪ – آسٽريليا ٽيسٽ سيريز شروع ٿيڻ جي حوالي سان ڏاڍو پرجوش آهي.
شاهد آفريدي سيريز ۾ اسٽار فاسٽ بالر ۽ پنهنجي ناٺي شاهين آفريدي کي ڏاڍو اهم قرار ڏنو.
ڪرڪيٽ آسٽريليا طرفان شاهد آفريدي جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته شاهين آفريدي جو بالنگ اسپيل آسٽريليا ۾ انتهائي اهميت جوڳو هوندو، هو دنيا جي ڪنهن به بيٽر کي پريشان ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
شاهد آفريدي موجب آسٽريلوي ڪنڊيشن ۾ بالنگ ڪرڻ ان لاءِ سکڻ جو سٺو تجربو هوندو ۽ مون کي يقين آهي ته هو سيريز ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
پر اڳوڻي آل رائونڊر اهو به تسليم ڪيو ته آسٽريليا کي پنهنجي ئي ميدان تي هارائڻ تمام ڏکيو آهي.
سندس چوڻ هو ته آسٽريليا جا رانديگر ذهني ۽ جسماني طور مضبوط آهن، هو پنهنجي ڪنڊيشن ۾ ته تمام گهڻا مضبوط آهن ۽ انهن سان مقابلو هڪ چئلينج هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.