ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪنهن جماعت پنهنجو منشور پورو ڪرڻ لاءِ پ پ کان وڌيڪ قربانيون ناهن ڏنيون.
پنهنجي بيان ۾ آصف زرداري چيو ته پ پ سدائين عام ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪيون آهن، مسلسل اڳتي وڌڻ جو سفر ڪيو ۽ پنهنجي تجربن مان سکيو آهي، شفافيت ۽ گڊ گورننس کي يقيني بڻائڻو پوندو، خوراڪ، تعليم ۽ صحت جهڙن اهم کاتن جي ڊجيٽلائيزيشن اڻٽر آهي.
هن چيو ته جديد دنيا جي تاريخ ۾ ڪنهن به جماعت پنهنجو منشور پورو ڪرڻ لاءِ پ پ کان وڌيڪ قربانيون نه ڏنيون، پ پ شروع کان عورتن جي حقن جي علمبردار رهي آهي ۽ هن ئي جماعت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي صورت ۾ اسلامي دنيا کي پهرين عورت وزيراعظم سان به نوازيو.
You might also like