125 موٽر سائيڪل جي قيمت ۾ وڏي واڌ

ياماها ڪمپني طرفان پنهنجي موٽر سائيڪل ”واءِ بي آر جي“ جي قيمت ۾ 18 هزار رپين جي واڌ ڪئي وئي.
واءِ بي آر 125 جي (ڳاڙهي ۽ ڪاري) جي قيمت 4 لک 53 هزار رپيا هئي، واڌ کانپوءِ اها 4 لک 71 هزار رپين جي ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت واءِ جي بي آر 125 جي (ميٽ ڊارڪ گري ۽ ميٽ اورنج) جي قيمت 4 لک 56 هزار رپيا هئي، جيڪا هاڻ 4 لک 74 هزار رپيا ٿي وئي آهي.
رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال دوران ياماها موٽر سائيڪلز جي وڪري ۾ گهٽتائي ٿي آهي، ان باوجود ڪمپني اگهه وڌايا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.