نجي يونيورسٽي جي شاگردياڻي درياهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو

گجرات (ويب ڊيسڪ) گجرات جي نجي يونيورسٽي جي 21 ورهين جي نوجوان شاگردياڻي چناب درياهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو.
آپگهات ڪندڙ ناري جي سڃاڻپ عليزا جهانگير جي نالي سان ٿي آهي ۽ هوءَ وزيرآباد جي علائقي جي رهواسڻ آهي، عليزا يونيورسٽي ۾ بي ايس سي ڪمپيوٽر سائنس جي پڙهائي ڪري رهي هئي.
درياهه ڪناري موجود مهاڻن ناري کي ٽپو ڏيندي ڏسي فوري طور بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهيا.
واقعي جي اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو اهلڪار پهچي ويا، پوليس موجب آپگهات جا سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته ناري جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال نيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.