عورتن جون اڻوڻندڙ جعلي تصويرون تيار ڪندڙ ٽيڪنالاجي جو استعمال وڌي ويو

آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالاجي جي مدد سان عورتن جون اڻوڻندڙ جعلي تصويرون تيار ڪندڙ ايپس ۽ ويب سائيٽس جي استعمال ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي.
اها ڳالهه هڪ نئين تحقيق ۾ سامهون آئي.
Graphika نالي ڪمپني جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سيپٽمبر 2023ع ۾ ئي 2 ڪروڙ 40 لک ماڻهن ڊيپ فيڪ تصويرون تيار ڪندڙ ويب سائيٽس کي استعمال ڪيو.
ڊيپ فيڪ ٽيڪنالاجي استعمال ڪندڙ گھڻيون ايپس يا ويب سائيٽس پاران مشهور سوشل نيٽورڪس کي مارڪيٽنگ لاءِ استعمال ڪري ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو ويو.
واضح رهي ته ڊيپ فيڪ اهڙي ٽيڪنالاجي آهي جنهن ۾ ڪنهن به فرد جي چهري يا آواز کي ٻئي شخص سان سولائي سان تبديل ڪري سگھجي ٿو، جنهن مان لڳندو آهي ته اهو اهڙي شخص جو فوٽو، وڊيو يا آڊيو آهي جيڪو حقيقت ۾ ان جو آهي ئي نه.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته 2023ع دوران سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جهڙوڪ ايڪس تي اهڙين ايپس جي لنڪ جو انگ 24 سيڪڙو کان به وڌي ويو آهي.
تحقيق موجب اهڙيون ڪيتريون ئي سروسز رڳو عورتن جي تصويرن تي ئي ڪم ڪنديون آهن.
محققن بڌايو ته اهڙي طرح مواد سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي پوسٽ ڪيو ويندو آهي جنهن سان عورتون مسئلن کي منهن ڏينديون آهن.
تحقيق ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو ته ايڪس ۾ هڪ اهڙي ايپ پاران تصوير پوسٽ ڪري ماڻهن چيو ويو ته اها اڍنگي تصوير تيار ڪري ان فرد کي موڪلي سگھي جنهن جي اها تصوير هجي.
اهڙيءَ طرح جي هڪ ايپ يوٽيوب تي به اسپانسرمواد هلايو.
ان حوالي سان گوگل جي هڪ ترجمان ٻڌايو ته اسان اهڙن اشتهارن جي اجازت ناهيون ڏيندا جن ۾ اڻوڻندڙ مواد موجود هوندو آهي ۽ پاليسين جي ڀڃڪڙين تي اشتهارن کي ڊليٽ ڪيو ويندو آهي.
فلمي ستارن جون اهڙي قسم جون تصويرون يا وڊيوز اڳ ئي انٽرنيٽ تي گھڻيون وائرل ٿي رهيون آهن پر ماهرن کي خدشو آهي ته اي آءِ ٽيڪنالوجي ۾ اڳڀرائي سان ڊيپ فيڪ سافٽ ويئر جو استعمال گھڻو سولو ٿي ويندو جڏهن ته جعلي مواد کي پکڙڻ گھڻو ڏکيو ٿي ويندو.
محققن موجب اسان ڏٺو آهي ته عام ماڻهن کي هدف بڻايو پيووڃي.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته گھڻين متاثر عورتن کي سندن تصويرن بابت خبر ئي ناهي هوندي ۽ جن کي ان جي خبر هوندي آهي انهن کي قانوني ڪارروائي ۾ ڏکيائيون پيش اينديون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.