وڏو فيصلو، سنڌ ۾ هاڻ عورتون به نماز لاءِ مسجد وڃي سگهنديون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مسجدن ۾ هاڻ عورتون به نماز لاءِ وڃي سگهنديون، مسجدن ۾ عورتن جي نماز لاءِ الڳ جاءِ مختص ڪئي ويندي.
مسجدن ۾ عورتن لاءِ جاءِ مختص ڪرڻ جو فيصلو قانون ۽ اوقاف کاتي واري وزير عمر سومري جي صدارت هيٺ اوقاف کاتي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو.
اجلاس ۾ صوبي جي مسجدن ۽ مدرسن جي رجسٽريشن ۽ عورتن جي جاءِ مختص ڪرڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي.
عمر سومري چيو ته اوقاف کاتي جي 77 مسجدن ۾ عورتن لاءِ جاءِ مختص ڪئي وڃي، ان حوالي سان سنڌي، اردو، انگريزي ۽ گجراتي ٻولين ۾ آگاهي مهم به هلائي وڃي، رجسٽرڊ ۽ غير رجسٽرڊ مسجدن جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو عمل تيز ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.