شگر جي مريضن لاءِ اهم خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي انسولين جي 5 پراڊڪٽس جي رجسٽريشن ڪري ورتي، جنهن ۾ هائيپرين ۽ فلو ويڪسين جو هڪ – هڪ پراڊڪٽ شامل آهي.
ڊريپ انسولين جي 5 پراڊڪٽس جي رجسٽريشن ڪرائي ورتي آهي، ڊريپ ترجمان جو چوڻ آهي ته هائيپرين ۽ فلو ويڪسين جو هڪ – هڪ پراڊڪٽ رجسٽرڊ ڪرايو آهي.
هن ٻڌايو ته صحت واري نگران وزير جي هدايت تي ڊريپ ۾ انقلابي قدم جاري آهن، ان سان مارڪيٽ ۾ اهم دوائن جي فراهمي جو سلسلو بهتر ٿيندو، ڊريپ ۾ دوائن جي رجسٽريشن جو عمل فاسٽ ٽريڪ تي آهي.
سندس چوڻ هو ته حياتي بچائيندڙ دوائن جي بنا وقفي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.