پاڪستان لاءِ قرض جي منظوري، وڏي خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جو ايگزيڪيوٽو بورڊ 11 جنوري تي پاڪستان لاءِ قرض جي منظوري ڏيندو، منظوري کانپوءِ پاڪستان کي 70 ڪروڙ ڊالرن جي قسط ملندي.
آمريڪي رسالي بلوم برگ طرفان پاڪستان لاءِ 70 ڪروڙ ڊالرن جي ايندڙ قسط جي منظوري جي معاملي تي آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس 11 جنوري 2024 ۾ ٿيندو.
اجلاس ۾ پاڪستان ۾ ڪئي ويندڙ اسٽاف ليول ميٽنگ جي فيصلن کي حتمي شڪل ڏني ويندي ۽ پاڪستان لاءِ 3 ارب ڊالر اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ پروگرام تحت ايندڙ قسط جي منظوري جو امڪان آهي، منظوري کانپوءِ پاڪستان کي 70 ڪروڙ ڊالرن جي قسط ملندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.