لنڊن (ويب ڊيسڪ) بي بي سي جي نيوز پريزينٽر مريم مشيري اڻ وڻندڙ اشاري بابت پنهنجي وڊيو تي وضاحت جاري ڪندي معذرت ڪري ورتي آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ مريم مشيري وڊيو جي وضاحت ڪندي چيو ته هوءَ عملي جي ميمبرن سان مذاق ڪري رهي هئي.
هن وڌيڪ چيو ته ڊائريڪٽر آن ايئر ٿيڻ کان اڳ 10 تائين ڳڻائي رهي هئي ۽ پهرين نمبر تي پهچڻ کان پوءِ هوءَ به آڱرين سان ڳڻائي رهي هئي پر کيس خبر نه هئي ته اهو آن ايئر ٿي ويندو.
مريم مشيري وڌيڪ لکيو ته اهو ٽيم سان هڪ ڀوڳ هو، جيڪڏهن ڪنهن جي اهڙي حرڪت سان دل آزاري يا ڏک ٿيو آهي ته معافي وٺي رهي آهيان. منهنجو اهڙو ڪو ارادو نه هو.
مريم جلد ئي محسوس ڪيو ته هو لائيو آهي ۽ پوءِ هن خبرون پڙهڻ شروع ڪيون.
ڏسندڙن آن لائن واقعي تي رد عمل ظاهر ڪيو، ڪجهه جو چوڻ هو ته اهو غير پروفيشنل هو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته خبر پڙهڻ لاءِ هڪ سيڪنڊ ۾ سوئچ ڪرڻ متاثر ڪندڙ هو.
ياد رهي ته اها غلطي بي بي سي نيوز جي ورلڊ فيڊ ۾ اربع ڏينهن برطانوي وقت موجب رات 12 وڳي نشر ٿي هئي.
Hey everyone , yesterday just before the top of the hour I was joking around a bit with the team in the gallery.
I was pretending to count down as the director was counting me down from 10-0.. including the fingers to show the number. So from 10 fingers held up to one.
When…
— Maryam Moshiri (@BBCMaryam) December 7, 2023