جبري طور گم ٿيل شهرين جي وارثن کي معاوضو ڏيڻ بابت اهم اڳڀرائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل شهري ياسين جي گهر ڀاتين کي معاوضو ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت معاوضو ڏيندي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيلن جي آزادي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، ان دوران گم ٿيل شهرين جي گهر ڀاتين کي معاوضو ڏيڻ بابت اهم اڳڀرائي ٿي.
عدالت هدايت ڪئي ته شهري ياسين جي گهر ڀاتين کي سنڌ حڪومت معاوضو ڏيندي، ان حوالي سان گهرو کاتي جي فوڪل پرسن عدالت کي آگاهه ڪري ڇڏيو.
فوڪل پرسن عدالت کي ٻڌايو ته جبري طور گم ٿيل جي تصديق کانپوءِ گهر ڀاتين کي معاوضو ڏيڻ لاءِ سمري وڏي وزير کي موڪلي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.