اهڙو هوٽل جتي ماني سان گڏ چماٽ به هنئي ويندي آهي

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ روز ڪجهه نه ڪجهه عجيب غريب ٿيندو رهندو آهي پر جاپان ۾ اهڙو دلچسپ ٿي رهيو آهي جيڪو اوهان کي به حيران ڪري ڇڏيندو.

جاپان جي هن ريستورينٽ جي خاص ڳالهه کاڌو نه پر اها چماٽ آهي جيڪا اوهان کي ويٽريز هڻندي آهي جيتوڻيڪ اهو عجيب آهي پر مارڪيٽ جي حوالي سان اهو تجربو ڪامياب آهي ۽ جاپاني شهر ناگويا ۾ کليل اهو ريسٽورينٽ تيزي سان مقبول ٿي رهيو آهي.

دلچسپ ڳالهه اها به اهي ته شروع ۾ چماٽ سروس مفت هئي پر ماڻهن جي رش لڳڻ بعد اها 500 ين في چماٽ ڪئي وئي آهي ۽ جيڪو ماڻهو جنهن سهڻي ويٽريس کان چماٽ هڻائيندو ته ان فرمائش جي به فيس ورتي ويندي.

اها آڇ ڊگهو قوت جاري رهي پر جڏهن اهي وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون ته ماڻهن مٿن تنقيد ڪئي ۽ پوءِ اهو سلسلو بند ڪرڻو پيو.

واهپيدار ان کي سٺو نه سمجهي رهيا هئا ۽ اها ڳالهه ريسٽورينٽ مڃي ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.